دادوي، غلام مصطفيٰ

دادوي، غلام مصطفيٰ

دادوي غلام مصطفيٰ

دادوي، غلام مصطفيٰ: نامياري تعليمدان، استاد ۽ ليکڪ غلام مصطفيٰ دادويءَ جو پورو نالو غلام مصطفيٰ ولد جمعو خان پنهور هو. سندس جنم ڳوٺ ڦل پنهور، ضلعي ۽ تعلقي دادوءَ ۾ ٿيو. هن ابتدائي ديني تعليم محمد سليمان صدائيءَ جي مدرسي دارالفيوض دادوءَ مان حاصل ڪئي. بعد ۾ درس نظامي ۽ اديب عالم جو امتحان پاس ڪيو. ان دوران ڊائريڪٽر انسٽرڪشن سنڌ، شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽي سان سندس ملاقات ٿي، جنهن کيس تعليم کاتي ۾ عربيءَ جو استاد مقرر ڪيو. غلام مصطفيٰ دادوي پنهنجي تدريسي سفر دوران ضلعي ٺٽي، ٽنڊي باگي، ميهڙ ۽ دادو ضلعن جي مختلف هاءِ اسڪولن ۾ عربيءَ جي استاد طور پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيندي گورنمينٽ هاءِ اسڪول سوسائٽي، نمبر-1، حيدرآباد مان رٽائر ٿيو. صدر اسڪندر مرزا جي دؤر حڪومت ۾ حيدرآباد ۾ ڪل پاڪستان عربي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ مان عربيءَ جا عالم شريڪ ٿيا. شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽو پڻ ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو. هن ڪانفرنس کي منعقد ڪرڻ ۾ غلام مصطفيٰ دادويءَ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان سلسلي ۾ مولانا فضل احمد غزنويءَ، غلام مصطفيٰ دادويءَ سان ڀرپور سهڪار ڪيو، جنهن غزنوي هوٽل حيدرآباد جو هڪ ڪمرو دادويءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن کي هُو پنهنجي ذاتي استعمال ۾ آڻڻ بجاءِ عربيءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪتب آڻيندو رهيو ۽ پاڻ ان تنظيم جو جنرل سيڪريٽري رهيو. جيئن ته هن مولانا سليمان صدائيءَ وٽ تعليم حاصل ڪئي ۽ صدائي ديوبند جو عالم هو، ان ڪري غلام مصطفيٰ جو عقيدو پڻ ديوبند عالمن وارو ئي رهيو.
مٿس صدائيءَ جو گهرو اثر هو. هن ڪيترائي ڪتاب تحرير ڪيا، جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو عربيءَ ۾ ترجمو، تعارف القرآن، درس القرآن جا 30 سيپارا، قرآن شريف جون تشبيهون، سوانح عمري علامه عمر بن محمد دائودپوٽو، مولانا جلال الدين روميءَ جي سوانح عمري، وسيلا سڀ وسار ۽ توحيد جو سبق قابل ذڪر آهن. هيءَ پهريون سنڌي هو، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سندس ان ڪم ۾ خرطوم يونيورسٽي، سوڊان جي وائيس چانسلر ساڻس ڀرپور سهڪار ڪيو هو. سندس ڇپيل ڪتاب تعارف القرآن کي سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ پاران انعام مليل آهي. غلام مصطفيٰ دادوي تعليم کاتي مان رٽائر ٿيڻ بعد به پنهنجيون تدريسي سرگرميون برقرار رکيون، کيس پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ عربي ٽيچر مقرر ڪيو ويو. ان کان سواءِ ڪافي عرصي تائين هو پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ شاگردن کي قرآن جي تعليم پڻ ڏيندو رهيو. غلام مصطفيٰ دادوي منظور چيمبرس، حيدرآباد ۾ مفت ۾ عربي سيکاريندو هو ۽ شاگردن کي مفت ڪتاب فراهم ڪندو رهيو. امام ابن تميم جي سوانح عمري تحرير ڪرڻ تي انعام طور سعودي عرب جي بادشاهه شاهه خالد کيس تعريفي خط لکيو ۽ آڇ ڪئي ته، ’جيڪو ڪجهه گهُرڻو اٿوَ، سو گهُرو‘، پر غلام مصطفيٰ دادوي ڪجهه وٺڻ کان انڪار ڪيو. غلام مصطفيٰ دادوي، 2002ع ڌاري وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ ڦل پنهور، ضلعي دادوءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو